ڪزاڪستان ۽ عوامي ڪاوڙ جو پريشر ڪوڪر

0
325
مهاٻوڏ-۽-رياستي-ادارا

 سينٽرل ايشيا جي ملڪ ڪزاڪستان جي مک شهر الماٽي، گادي واري شهر نورسلطان ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل هفتي  ايل پي جي گيس جو اگهھ ٻيڻو ٿيڻ سبب اچانڪ شروع ٿيل عوامي مظاهرن کانپوءِ ٻه سال اڳ آيل حڪومت صدر کي استعيفا پيش ڪري ڇڏي آهي. صدر قاسم ٽوڪايوڦ استعيفا قبول ڪري سڄي ملڪ ۾ ٻن هفتن لاءِ هنگامي حالتون نافذ ڪري حڪم ڏنو آهي ته وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هنئي وڃي. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون به بند ڪيون ويون آهن. انهن مظاهرن ۾ 18 پوليس ۽ 26 مظاهرين (جن کي صدر ملڪي ۽ غيرملڪي تخريبڪار سڏيو آهي) مارجي ۽ ٽن هزارن کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ڪزاڪستان جيڪو تيل، گيس، يورينيم، پتل ۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان مالامال آهي اتي موٽر گاڏيون ايل پي جي تي هلنديون آهن.

نئين سال شروع ٿيڻ سان گيس تي سرڪاري رعايت ختم ڪري انجو اگھه مڪاني ڪرنسي ۾ 60 ٽينگي مان وڌائي 120 ٽينگي يا 50 پاڪستاني رپيا في لٽر ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا.ماڻهن غصي ۾ اچي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، موٽر ڪارن کي اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ شاپنگ سينٽر بند ڪرائي ڇڏيا. سابق حڪمران نظر بايوڦ خلاف “پوڙهن کي گهر موڪليو” جا نعرا هڻندي چوڪ تان سندس مجسمو لاهي ڇڏيو. موجوده حڪومت ٻه سال اڳ ٿيل تڪراري چونڊن ۾اقتدار ۾ آئي هئي جڏهن  78 سالن جي سابق صدر نور سلطان نظربايوڦ جنهن جي لاءِ سمجهيو ويندو هو ته سندس اقتدار سندس مرڻ يا بغاوت سان ئي ختم ٿيندو تنهن 2019ع ۾ مظاهرن جي ردعمل ۾ ريڊيو تي خطاب ڪندي اچانڪ استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. هو پهريائين 1984ع کان سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪزاڪستان ۾ حڪمران طور ۽ بعد ۾ سوويت يونين کان علحدگي بعد 30 سال حڪومت ۾ رهندو پئي آيو. پر سوويت زماني ۾ اسٽيل مل ۾ مزدوري ڪندڙ ليڊر ويندي ويندي نه فقط پنهنجي ئي نائب قاسم ٽوڪايوڦ کي صدر ٿاڦي ويو پر پارليامينٽ هٿان گادي واري شهر آستانا جو نالو بدلائي پنهنجي نالي پويان نورسلطان رکائي ڇڏيو.

هن پاڻ کي سيڪيورٽي ڪائونسل جو تاحيات ميمبر چونڊرائي پارليمينٽ کان اهو فيصلو به ڪرايو ته جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدارت نظر بايوڦ ڪندو ته ان جي حيثيت آئين ساز اداري جي برابر هوندي ۽سندس خلاف تاحيات ڪوبه مقدمو هلي نه سگهندو. نظر بايوڦ جي ٽيهن سالن جي سڌي اقتداري آمريت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 2004 ع جي تڪراري چونڊن ۾ نظربايوڦ 95 سيڪڙو اڪثريت سان کٽي ويو ۽ جن ٻن اتحادي پارٽين ڪجهھ سيٽون کٽيون تن ۾ سندس ڌيءَ جي اسر پارٽي به شامل هئي. مخالف ڌر فقط هڪ سيٽ کٽي سگهي.2007ع ۾ سندس وفادار پارليامينٽ آئين ۾ متفق  ترميم ڪري فيصلو ڪيو ته سندس مرضي هو جيستائين چاهي اقتدار ۾ رهي سگهي ٿو ۽ جيترا دفعا به چونڊن ۾ بيهڻ چاهي هو بيهي سگهي ٿو. 2010ع ۾ نظربايوڦ 96 ۽ 2015ع ۾ 98 سيڪڙو سيٽون کٽي اقتدار ۾ چونڊبو آيو جن مان هڪ چونڊ ۾ ته بيلٽ پيپر تي سندس ئي هڪ نالو اميدوار طور ڇپيل هو جنهن تي هر حال ۾ ٺپو هڻڻو هو. اهڙي طرح هردفعي هو چونڊن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي تابعدار پارليامينٽ کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪندو رهندو هو.ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهڻ سبب ملوڪيت جو نظام ملڪ تي مسلط ڪيو ويو ۽ ڪرپشن انڊيڪس ۾ ڪزاڪستان کي ورلڊ بينڪ 2005ع ۾ انگولا، پاڪستان، لبيا ۽ ڪينيا واري صف ۾ بيهاريو. تازن مظاهرن بعد سندس سيڪيورٽي ڪائونسل تان استعيفا جو اعلان ته ڪيو ويوآهي پر عوام سمجهي ٿو ته اهو کين عارضي طور ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ اقتدار جي پويان اصل حڪمران نظربايوڦ ۽ سندس خاندان آهي جيڪي پنهنجا ڪارپوريٽ اثاثا وڌائڻ لاءِعوام دشمن فيصلا ڪرائي رهيا آهن.

ورلڊ بينڪ موجب تقريب ٻه ڪروڙ آبادي واري ملڪ جي معيشت 171 ارب ڊالر آهي ۽ گهٽ آبادي سبب في فرد سالياني آمدني پاڪستان کان اٺوڻي يعني 9 هزار ڊالر ۽ پکيڙ ٽيڻي آهي.روس، چين، ازبڪستان، ڪرگستان ۽ ترڪمانستان وچ۾ ڦاٿل وچ ايشيا جو ملڪ دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي ذخيرن ۾ نائين نمبرتي آهن ۽ سندس ايڪسپورٽ ۾ ستر سيڪڙو حصو تيل ۽ گيس جو آهي. تازن وڳوڙن سبب بجلي، انٽرنيٽ ۽ فون معطل ٿيڻ سبب ڪرپٽو ڪرنسي ٺاهيندڙ دنيا جي ٻئي وڏي ملڪ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي پيداوار بند ٿي وئي آهي جنهن ڪري ان جو هيش ريٽ عالمي منڊي ۾ ڪري پيو آهي. ڪزاڪستان يورينيم ايڪسپورٽ ڪندڙ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. ٻارن جي اسڪولن ۾ انرولمينٽ ۽ لٽريسي هڪ سئوسيڪڙو آهي ۽ ڪجھه سال پهريائين رسم الخط تبديل ڪري رومن ڪئي وئي آهي. سوويت يونين ٽٽڻ بعد معاشي سڌارن، ذاتي ملڪيت رکڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي سبب ٻاهرين سيڙپڪاري کي فروغ مليو جنهن سان تيل ۽ گيس جي نون ذخيرن ملڻ سبب خوشحالي جو دور شروع ٿيو. گهڻي پکيڙ ۽ ٻهراڙين جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ٽڙيل پکڙيل اڌ آبادي سبب غربت وڌيل هئي. ورلڊ بينڪ جي تعاون سان 4 ارب ڊالرن جا 14 منصوبا شروع ڪيا ويا جن مان فقط ٽي امدادي ۽ باقي اوڌر تي هئا.

اهڙي طرح دنيا جي ٻين ملڪن ۽ ادارن سوويت يونين کان الڳ ٿيڻ بعد ڪل  330 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي. پر ان سيڙپڪاري سان جيڪا آمدني ٿي تنهن سان عوام جي خوشحالي بدران هڪ نئون اليٽ ڪلاس وجود ۾ اچي ويو جنهن جي قيادت سابق حڪمران نظر بايوڦ ۽ ان جو خاندان ڪري رهيا آهن. 2002ع ۾ مڪاني ڪزاڪ اخبار مٿس الزامِ هنيو ته هن ڪرپشن جي رقم مان هڪ ارب ڊالر سوئس اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا آهن جنهن بعد ايڊيٽر جي آفيس ٻاهران ڪٺل ڪتي جو ڌڙ ڦٽو ڪري ان سان چٺي چنبڙائي وئي ته “خبردار! ٻيهر ايئن نه ٿيڻ گهرجي.” بعد ۾ اخبار جي آفيس کي بم سان باھه لڳائي ساڙايو ويو. نظر بايوڦ جي ڊگهي اقتدار دوران ملڪي وسيلن ۽ ڪمپنين تي سندس خاندان جي هڪ هٽي قائم ڪئي وئي.تيل ۽ گيس تي سندس ناٺي تيمور جي ڪمپنين جي هڪ هٽي آهي جنهن سبب تيل ۽ گيس جون قيمتون وڌي رهيون آهن. جڏهن ته ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ٻين شعبن تي به سندس خاندان سان لاڳاپيل ماڻهن جو قبضو آهي.

تازو گيس جي اگھه وڌڻ سان شديد ردعمل ۽ حڪومت جي استعيفا تي تبصرو ڪندي ڪجھه مبصرن جو خيال آهي ته اهو دٻاءَ غربت، مهانگائي، بيروزگاري، اڻبرابري ۽  زندگي جو معيار ڪري پوڻ سبب اندر ئي اندر خاموشي سان پريشر ڪوڪر وانگر گڏٿي رهيو هو جيڪو سڌريل معاشرن ۾ عام طورميڊيا، عدليا ۽ پارليامينٽ جي متوازن ڪردار سبب سيفٽي والو وانگر دٻاءَ گهٽائڻ جو ڪم ڪندا آهن پر گيس جي ڳاٽي ٽوڙ اگهن بعد ماڻهن کي گڏ ٿيڻ توڙي ڳالهائڻ جي آزادي نه ڏيڻ، پارليامينٽ ۽ عدليا جي آمرانا طور طريقنُ ڪري حڪمرانن جي تابع هئڻ سبب اهو پريشر ڪوڪر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو آهي.

ڪورونا به ان ۾ پهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن سبب معاشي مسئلا ڳنڀير ٿي ويا هئا. مظاهرو ڪندڙن صدر قاسم ٽوڪايوڦ جي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته “هو تخريبڪار ناهن پر هو سچ ڄاڻڻ چاهين ٿا ته آخر امير ملڪ جا ماڻهو غريب ڇو آهن ۽ سرڪارته امير آهي پر عوام هميشه قرضي ڇو  آهي.” سندن چوڻ آهي ته “هو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هتي فقط ڪرپشن ئي ڇو ترقي ڪري رهي آهي.” ۽ سندن اندر ۾ سور آهن جن کي هو بيان ڪرڻ چاهين ٿا پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل انهن وڳوڙن کي انساني حقن جي لتاڙ جو سڌو نتيجو قرار ڏنو آهي. انهن وڳوڙن بعد روس جي قيادت ۾ ڇهن سابق سوويت رياستن وچ۾ ٺهيل گڏيل سيڪيورٽي ٽريٽي تنظيم CSTO جا 3600 فوجي ابتدائي طور امن امان قائم ڪرڻ لاءِ الماٽي ۽ نورسلطان پهچائڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. صدر قاسم چين، روس، ترڪي، اقوام متحده جي سربراهن جي حمايت تي انهن جا ٿورا مڃيا آهن.

ڪزاڪستان تي نظر ڊوڙائبي ته نظر ايندو ته لبيا، شام، ترڪي، ايران، اتر ڪوريا ۽ وچ اوڀر جي خانداني حڪومتن جيان قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ گهٽ آبادي هئڻ باوجود اقتدار ۾ ڊگهي عرصي تائين رهڻ جي لوڀ سبب حڪمران پنهنجي بنيادي مقصد تان هٽي وڃن ٿا ۽ سندن سمورو ڌيان پنهنجي اقتدار کي اينگهائڻ طرف رهي ٿو جنهن ڪري معيشت ۽ رياستون کوکليو ٿي وڃن ٿيون. نظر بايوڦ جو ابتدائي دور جيتوڻيڪ ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جو دور هو پر اقتدار ۾ اينگھه جي ذاتي خواهش عوام جي  بيچيني جو سبب بنجي رهيو آهي. جنهن ڪري ماضي ۾ سوويت يونين کان ٽٽندڙ رياستن ۾ سڀني کان مستحڪم رياست اڄ اندروني خلفشار جو شڪار آهي ۽ روسي فوجون ٻيهر سندن ئي حڪمرانن جي دعوت تي پنجون حصو روسي آبادي واري ڪزاڪ سرزمين تي پير رکي چڪيون آهن.