اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي اي سي ميمبر شاهده اختر علي چيو ته ڪئنال روڊ لاهور هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه ڪري بند آھي، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته پوري ملڪ جو اهو ئي حال آھي، وي آءِ پي ڪلچر کي ختم ڪرڻ گهرجي، ڪرڪيٽ ميچ ڪري به شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي  هي اهي ئي رانديگر آھن جيڪي ڳوٺن ۾  ڪرڪيٽ کيڏندا آھن ته سڀ ٺيڪ هوندو آھي پر هتي کين خطرو هوندو آھي،  ان حوالي سان ڪاميٽي گهرو وزارت کان ايندڙ اجلاس ۾ جواب طلب ڪري ورتو آھي.