ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خوشخبري: انگلينڊ ۾ گرائونڊ ۾ مئچ ڏسڻ تي پابندي ختم

0
394

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خوشخبري، انگلينڊ ۾ گرائونڊ ۾ مئچ ڏسڻ تي پابندي ختم ٿي وئي. برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪورونا وبا سبب انگلينڊ سميت سموري دنيا ۾ شوقين لاءِ گرائونڊ ۾ مئچ ڏسڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ اها پابندي ختم ڪري ڇڏي، هاڻي شوقين گرائونڊ ۾ وڃي مئچ ڏسي سگهندا. انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاران سرڪاري طور اهو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن بعد ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ سيريز دوران تماشائين کي گرائونڊ ۾ اچي مئچ ڏسڻ جي اجازت هوندي.