ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) دنيا جي مشهور ڪرپٽو ڪرنسي ۾ رڪارڊ لاٿ : بٽ ڪوائن جو ملهه 59 ۽ ايٿر جو 73 سيڪڙو گهٽجي ويو، ان ڏس ۾ واپارين ٻڌايو ته ڊسمبر 2020ع کانپوءِ 18 مهينن جي عرصي ۾ پهرين ڀيرو بٽ ڪوائن جو ملهه گهٽجي 18993 ڊالرن تي پهتو آهي، جنهن سبب سيڙپڪار پريشان آهن