ڪرپٽو ڪرنسي فراڊ ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران جوابدار جي ضمانت واري درخواست خارج

0
244
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪِرپٽو ڪرنسي جي نالي تي فراڊ واري ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت درخواست خارج ڪري ڇڏي، ريفرنس دير سان داخل ٿيڻ تي نيب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي

 جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته 2-2 سال ريفرنس داخل نه ٿيڻ نيب جي مجرماڻي غفلت آهي، نيب ريفرنس داخل ناهي ڪندو ۽ الزام عدالتن تي ايندو آهي

 جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۽ بٽ ڪوائن بابت ٻڌو آهي، اهي ڇا آهن؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته شهرين کي پئسن عيوض ڊجيٽل سِڪو ڏنو ويندو آهي،  عدالت چيو ته نيب جوابدار جي اثاثن جو پتو ڇو نه لڳايو؟ ميگا اسڪينڊل ۾ جاچ جو حال اهو آهي جو بنيادي ڄاڻ به ناهي، نيب کي جوابدارن خلاف جلد ريفرنس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي