دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل اڳوڻي سريلنڪن فاسٽ بالر نوآن زوئيسا مٿان 6 سالن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي موجب سريلنڪا جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ ڪوچ مٿان پابندي آڪٽوبر 2018ع کان لاڳو ٿيندي، جڏهن کيس ميچ فڪسنگ جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو هو. آءِ سي سي انٽگريٽي يونٽ جي جنرل مينيجر ايلڪس مارشل جو چوڻ آهي ته ڪوچ طور زوئيسا کي رول ماڊل جي حيثيت لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ها، پر هن ائين نه ڪيو، ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته نوآن زوئيسا 30 ٽيسٽ ميچز ۽ 95 ون ڊي ميچز ۾ سريلنڪا جي نمائدگي ڪئي.