ڪرپشن سبب ٿولهه ٿيڻ تي سياستدانن لاءِ دنيا جو انوکو آءِ جي نوبل پرائز

0
320

هارورڊ(دلچسپ نيوز) ڪرپشن سبب ٿولهه ٿيڻ تي سياستدانن لاءِ دنيا جو انوکو آءِ جي نوبل پرائز ڏنو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فرانس جي مونٽ پليئر بزنس اسڪول جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽرپاولو بلاواٽسڪي 15 ملڪن جي 299 سياستدانن تي تحقيق ڪئي، پاولا بلاواٽسڪي آرمينيا، آذربائيجان، بيلارس، ايستونيا، جارجيا، قازقستان، ڪرغيزستان، لاتويا، لٿونيا جي چونڊ ڪئي، مالدووا، روس، تاجڪستان، ترڪمانستان، يوڪرين ۽ ازبڪستان جا سياستدان به پاولو جي تحقيق جو حصو بڻجي ويا، لاڳيتو چئن سال جي تحقيق دوران 299 سياستدانن جي شڪلين جون سامهون کان تصويرون ڪڍي جمع ڪيون ويون، پاولو بلاواٽسڪي هڪ خاص ڪمپيوٽر پروگرام استعمال ڪندي هرسياستدان جو باڊي ماس انڊيڪس معلوم ڪيو، اهو سافٽ ويئر خاص طور ان مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان جي ڪارڪردگي به تمام گهڻي بهتر ۽ ڀروسي جوڳي آهي، بي ايم آئي ڪنهن شخص جي قد ۽ وزن ۾ تعلق کي ظاهر ڪري ٿي.