ڪرپشن ختم ڪيو: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليز

0
247

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرپشن خلاف جاڳرتا جي عالمي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون آهن

ڪراچي ۾ اينٽي ڪرپشن سنڌ پاران سنڌ سيڪريٽريٽ کان آرٽس ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي وئي

ريلي ۾ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين محمد نواز شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي

حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ زون کان پوسٽ آفيس تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو، ٺٽو، نوابشاهه، خيرپور، شهدادپور ۽ سانگهڙ ۾ به ريليون ڪڍيون ويون

ريلين ۾ سرڪاري ملازم، عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ ٿيا