سکر (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه سومرو چيو آهي ته ملڪ جو ڪنٽرول فوج سنڀالي ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي گوليون هنيون وڃن ۽ پوءِ چائنا وانگر انهن جي گهر ڀاتين کان پئسا واپس وٺي لاش حوالي ڪيا وڃن، هتي ڪرپشن جي حد ٿي وئي آهي جو ڊپٽي ڪمشنر اليڪشن ۾ هارايل ماڻهن کان هدايتون وٺي رهيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جو راشن ڪٿي پهچايون. اهو راشن ڪنهن جي پيءُ جو ناهي اهو اسان جي ٽيڪس جي پئسن مان خريد ڪيل آهي، ان تي صرف غريب برسات متاثرن جو حق آهي. سکر ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي آواز کي دٻائڻ لاءِ قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو ته جيئن آئون غريبن جي حقن لاءِ آواز نه اٿاري سگهان. هن جو چوڻ هو ته مهاٻوڏ بعد ورلڊ بينڪ پاران جيڪب آباد ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ 40 ارب، جڏهن ته تعليم ۽ ٻين سهولتن جي فراهميءَ لاءِ 30 ارب رپيا ڏنا، جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا. هن چيو ته جڏهن مارشل لا ۽ فوج جي ڳالھه ٿئي ٿي ته  چون ٿا جمهوريت کپي ۽ جمهوريت کي هلڻ ڏنو وڃي، پر هن وقت عملي طرح ڊڪٽيٽر شپ آهي. هن چيو ته سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاء فوج اچي ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي چائنا وانگر سرعام عبرت جو نشان بڻائي، تڏهن ملڪ ۾ سڌارو ممڪن آهي.