ڪريم بخش کوسو (اسپورٽس نيوز) ڪريم بخش کوسو ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ خان اليون کٽي ورتو. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ خان اليون ۽ ڪوٽ جنگو اليون وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، خان اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوور ۾ 127 رنز جو هدف ڏنو، ڪوٽ جنگو اليون 99 رنز تي ڍير ٿي وئي، خان اليون جي بالر اظهر علي سٺي بالنگ ڪندي   4 وڪيٽون ورتيون، جنهن کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو، مهمان خاص سماجي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري ونر ۽ رنر ٽيمن کي ڪپتانن کي انعام ۽ ٽرافي ڏنا ويا، ونر ٽيم جي ڪپتان بابو خان کوسو کي هڪ لک رپيا ڪيش انعام پڻ ڏنو ويو.