ڪريم بخش کوسو (اسپورٽس نيوز)  ڪريم بخش کوسو ۾ پنجين مرحوم بابا محمد يعقوب خان کوسو نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ خان اليون ۽ الهياري اليون ۽ ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ الشهزاد اليون ۽ ابڙا اليون جي وچ ۾ دلچسپ مقابلا ٿيا، پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ خان اليون 2 رنز تان الهياري اليون کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ الشهزاد اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 91 رنز جو هدف ڏنو، ابڙا اليون آخري بال تي هدف حاصل ڪري ورتو، عرض کوسو 50 رنز ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو کيس ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو. اھڙي ريت خان اليون ۽ ابڙا اليون فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويا.