ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو ويجهو ڳوٺ پرويز احمد کوسو ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور علي اصغر مڱڻهار ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو، موعقي تي موجود ماڻهن ڊرائيور کي ٽريڪٽر هيٺان ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن ڊرائيور جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.