ڪريم بخش کوسو/مبارڪپور/باهو کوسو (نمائندن وٽان) ڪريم بخش کوسو ۽ ڀرپاسي ارڙي ٿي ضابطو اچي نه سگهيو آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺ ٻچڙو جي رهواسڻ 5 ورھين جي سنبرين بروھي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، ڳوٺاڻن عارف علي، شعبان علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ارڙي ۾ ڪيترائي ٻارڙا مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته صحت کاتي اطلاع باوجود هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا. باهو کوسو ڀرسان ڳوٺ لونگ خان جکراڻي ۾ ارڙي وگهي 13 مهينن جي عائشه ڌيءُ نظير احمد مرهيٽو فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هڪ هفتي دوران ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي، مبارڪپور ۾ ارڙيءَ جي وبا تي ضابطو نه آيو، ڪالهه ڳوٺ دين محمد ٽانوري ۾ ٻارڙو ابو حرير ٽانوري فوت ٿي ويو، هوڏانهن علائقي ۾ وبا ڦهلجڻ باوجود صحت کاتي ڪو به قدم ناهي کنيو.