اسلام آباد(بيورورپورٽ) پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾وڌندڙ يروزگاري تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام ياد رکي ته عمران خان چيو ته 2020ع نوڪرين جو سال هوندو، 2021ع اچي ويو پر نوجوانن کي نوڪريون ناهن مليون، هڪ ڪروڙ نوڪرين واري واعدي تي به يوٽرن وٺي چيو ويو ته اهڙو ڪو واعدو ڪيو ئي ناهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ نوجوان ڊگريون هٿن ۾ پڪڙي ڦرن پيا پر کين نوڪريون نه پيون ملن، پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ بعد ملڪ جو اڌ ورڪنگ ڪلاس يا ته اڌ پگهارن کان يا وري نوڪرين کان ئي محروم ٿي ويو آهي. ملڪي تاريخ ۾ اهڙو ڪو حڪمران ناهي رهيو جنهن روزگار دشمني ۾ انتها ڪري ڇڏي هجي. پ پ حڪومت ۾ بيروزگاري جي گهٽ ۾ گهٽ شرح 0.42 سيڪڙو هئي جيڪا نواز ليگ جي دور ۾ 4.08 سيڪڙو ۽ پي ٽي آءِ دور ۾ 4.45 سيڪڙو ٿي وئي، پ پ دور ۾ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار مليو ان ڪري ئي پ پ تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام لڳندا آهن. هن چيو ته بنگلاديش، ويٽنام، گهانا ۽ ميانمار ۾ به بيروزگاري جي شرح پاڪستان کان بهتر آهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بدران عمران خان ريڊيو پاڪستان، پي آءِ اي، اسٽيل مل ۽ اسپورٽس بورڊ مان هزارين ملازم ڪڍيا ويا آهن. لاڪ ڊائون ۾ به عمران خان عوام کان روزگار کسيو، پگهارن ۾ اضافو نه ڪري سرڪاري ملازمن جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت نه پبلڪ سيڪٽر ۾ سيڙپ سان 98 هزار، پنجاب اڪنامڪ زونز سان 3 لک، ڀاشا ڊيم ٺاهڻ سان 16 زهار، گرين نگهبان سان 65 هزار ۽ نه ئي ايم ايل ون منصوبي سان هڪ لک نوڪريون ڏئي سگهي آهي. ساڍا 9 ارب جي پنجاب روزگار اسڪيم مان به ڪنهن کي به فائدو ناهي ٿيو. وزارتون بدلائڻ سان ملڪ جا مسئلا حل نه ٿيندا عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو.