ڪروڙين ماڻهو گڏ ٿين تڏهن به اڳوڻو وزير اعظم زنده نه ٿيندو: فضل الرحمان

0
158
ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملو، جي يو آءِ سربراهه محفوظ رهيو، آواران ۽ باجوڙ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا
ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملو، جي يو آءِ سربراهه محفوظ رهيو، آواران ۽ باجوڙ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي: جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان عمران خان کي سياسي حوالي سان لاش قرار ڏيندي  چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهو گڏ ٿين تڏهن به اڳوڻو وزير اعظم زندهه نه ٿيندو

پشاور ۾ تقدس حرم نبوي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان سهپ وارا ماڻهو آهيون پر ناموس رسالت جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته انيل مسرت ۽ جهانگير چيڪو ڪڏهن عمرو به نه ڪيو آهي اهي مسجد نبوي ۾ ڪهڙي نيت سان آيا هئا، پي ٽي آءِ برطانيه جو صدر به جهيڙو ڪرائڻ مديني منور آيو هئو

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي مهم ۾ عمران خان ٽرمپ سان گڏ هئو، عمران جي حڪومت اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي سازش ڪئي، هن چيو ته اڳوڻي امريڪي صدر  ڊونلڊ  ٽرمپ ڪيترن ئي عرب ملڪن کي زبردستي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو

هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي حلال جي ڌيءُ هجي ها ته ڪنهن جي نياڻي جي خلاف اهڙا لفظ نه ڳالهائي ها، عمران خان سياسي لاش آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان کي عالمن تي گوليون وسائيندي شرم نه آيو، اسان ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا ان ڪري صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو

جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته آصف علي زرداري ، ميان نواز شريف ۽ وزير اعظم شهباز شريف تي چين ، سعودي عرب  ۽ آءِ ايم ايف اعتبار ڪن ٿا

سندس چوڻ هو ته عمران خان تي ڪنهن کي به ڀروسو نه آهي عمران خان چاهي ٿو ته جيڪو هو چوي ماڻهو اهو قبول ڪن، عوام اڳواڻي وزير اعظم جي مڙهيل فيصلن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو