ڪرونڊي (ن پ ا) ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل راشن ۽ ٻيو سامان بااثرن پاران ڳجهه ڳوهه ۾ ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ دوران ڳوٺاڻا پهچي ويا، گاڏين جي گهيراءَ جي ڪوشش، وڊيو وائرل ٿي وئي. ڪرونڊيءَ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل مڇردانيون، ٽينٽ ۽ راشن جا سوين ڪٽا ۽ ٻيو سامان رات جي اونداهيءَ ۾ ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو ته ڳوٺاڻن حسين پاتو لنڪ روڊ تي گاڏين کي روڪي ورتو. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڳوٺاڻو ٻڌائي رهيو آهي ته برسات متاثرن لاءِ آيل سامان 10 کان وڌيڪ گاڏين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڳوٺ والي ڏنو مان کڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو. ٻئي پاسي برسات متاثرن جو چوڻ آهي ته ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن. متاثرن کي سامان نٿو ملي. ٻئي پاسي بااثر سامان لڪائي من پسندن کي ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي معاملي کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو ته مون ان بابت ڪابه ڄاڻ ناهي.