ممبئي(شوبز نيوز) 1995ع جي سپر هٽ فلم ڪرن ارجن جي ڊائريڪٽر راڪيش روشن انڪشاف ڪيو آهي ته فلم ۾ سلمان خان جي جاءِ تي پهرين پسند اجي ديوگن هو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار راڪيش روشن انڊين آئڊل سيزن 13 ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪرن ارجن ۾ سلمان خان جي ڪردار “ڪرن سنگهه” لاءِ پهريان اجي ديوگن کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو پر ڪنهن سبب جي ڪري اهو هيءَ فلم نه ڪري سگهيو هو. هن اهو به ٻڌايو ته فلم جو پهريون نالو “ڪائنات” رکيو ويو هو پر بعد ۾ ان کي تبديل ڪيو ويو. شو دوران راڪيش روشن اهو به ٻڌايو ته فلم “ڪهو نه پيار هي” ۾ اميشا پٽيل جي جاءِ تي پهريان ڪرينه ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو پر اها به ڪنهن سبب جي ڪري فلم نه ڪري سگهي هئي.