ڪرمپور ۾ انڊس هاءِ وي تي هڪ ڊرائيور جي قتل ۽ ٻي جي اغوا خلاف ڌرڻو

0
189
ڪرمپور ۾ انڊس هاءِ وي تي

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور ۾ انڊس هاءِ وي تي هڪ ڊرائيور جي قتل ۽ ٻي جي اغوا خلاف ڌرڻو هنيو ويو آهي، ڪرمپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊرائيور جي وارثن طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو

ذاڪر سومرو جي وارثن ۽ ٽرانسپورٽ اتحاد پاران ڪرمپور لاڙي وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، گذريل رات هٿياربند ٽرڪ تي فائرنگ ڪري ذاڪر سومرو کي قتل ڪرڻ بعد منظور سولنگي کي اغوا ڪري ويا

مظاهرين جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن پاران بيگناهه ذاڪر سومرو کي قتل ڪري منظور سولنگي کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٻن ضلعن جي دنگ تي  پوليس سامهون ڌاڙيل هڪ ڊرائيور کي قتل ۽ ٻي کي اغوا ڪري ويا

پوليس توڙي سنڌ سرڪار ڌاڙيلن خلاف هن وقت تائين اثرائتو آپريشن ناهي ڪيو، ڪير به ظالمن کان پڇڻ وارو ناهي، علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ذاڪر سومرو جي قاتلن کي گرفتار ڪري منظور سولنگي کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو

هي به پڙهندا

ڌاڙيلن پاران مغوين جي عورتن سان مبينا لڄالٽ مامري تان سنڌ جي اسسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي وچ ۾ اختلاف