ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان کرڙو شاخ وٽان اغوا ٿيل ڪيول ڪمار جي بازيابي لاءِ پوليس ڳوٺ گلاب بنگلاڻي تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو پر مغوي هٿ نه اچي سگهيو، جڏهن ته پوليس آدم بنگلاڻي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته اغوا ٿيل نوجوان ڪراچي جو رهواسي آهي، جنهن ڪرمپور ڀرسان مائٽن سان گڏجي گدرن ۽ هنداڻن جو فصل پوکيو هو، جيڪو گاڏين ۾ کڻي پنجاب وڃي رهيو هو ته رستي مان کيس اغوا ڪيو ويو، هوڏانهن مغوي جي وارثن ۾ ڪهرام متل آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ٺل پوليس ڏوهارين جو چوپايو مال ڪاهي آئي هئي جنهن کانپوءِ ڏوهارين پوليس کان مال ڇڏائڻ لاءِ نوجوان کي اغوا ڪيو آهي، سندن گهرن مان چوپايو مال ٻه موٽرسائيڪلون به کڻي وئي آهي.