ڪرمپور ڀرسان 2 پورهيت نوجوان مبينا اغوا

0
210

ڪرمپور(ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان ٻه پورهيت نوجوان مبينا اغوا ٿي ويا، ڳوٺ آغا عزيزالله بجاراڻي مان ڪوئٽا واسي محمد قدوس ۽ عمر پٺاڻ اغوا ٿي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا ڪريشن مشين تي ڪم ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل تي شهر ڏانهن ويا ته واپس نه موٽيا، رات کان وٺي ڳولا ڪئي آهي ڪو به ڏس پتو ناهي مليو، ٻنهي ڄڻن جا نمبر بند پيل آهن، شڪ آهي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، وارثن پاران ڪرمپور ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو آهي.