ڪرمپور / غوثپور (نمائندن وٽان) ڪرمپور ويجهو ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قبول اوڳاهي ۾ خدابخش اوڳاهي ۽ ڪريم بخش اوڳاھي جي ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. خدا بخش واري ڌر جا 3 ڀائر اميد علي، محمد علي ۽ سعيد علي اوڳاهي ۽ ڪريم بخش ڌر جو ھڪ ڄڻو محمد بخش اوڳاهي مارجي ويو،فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪريم بخش اوڳاهي سندس پٽ سخت زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتان زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل ڪيو ويو،واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، پوليس موجب لاش درياءَ جي ٻئي پار آهن، مڙهه کڻڻ لاءِ ٻيڙي جي سهولت ناهي، پوسٽ مارٽم لاءِ وارث مڙهه ٻيڙين ذريعي اڄ پاڻ کڻائي ايندا.