ڪرمپور ڀرسان وڌيڪ هڪ نوجوان اغوا، انگ 3ٿي ويو

0
285

ڪرمپور (رپورٽر) ڪرمپور ڀرسان وڌيڪ هڪ ڄڻو دلمراد نندواڻي اغوا ٿي ويو، مختلف ڳوٺن مان اغوا ٿيلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي، مغوي دلمراد جي وارثن پاران الاهي بخش لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مغوي جي وارثن چيو ته ته هر آئي ڏينهن ڌاڙيل گهرن مان ماڻهو اغوا ڪري وڃن ٿا پر پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي