ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور لڳ انڊس هاءِ وي تان هٿياربند ٻن ڄڻن کي مزدا مان لاهي اغوا ڪري ويا، ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد لنجو لاڙو وٽان هٿياربند علي نواز چنو ۽ ديدار ڪنڊراڻي کي گاڏي مان لاهي ڪچي طرف کڻي ويا. ناپرڪوٽ پوليس علائقي جي چڱن مڙسن سان رابطو ڪري ٻنهي مغوين کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرائي ورتو.  ڳڙھي تيغو ۾ مغوين کي ناپرڪوٽ پوليس حوالي ڪيو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾  بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي وئي، مغوين کي ايس ايس پي آفيس شڪارپور پهچايو ويو جتان کين وارثن حوالي ڪيو ويو.