ڪرمپور ڀرسان فل فراءِ ڪيل 2 نوجوانن جي وارثن جو ڌرڻو

0
295

ڪرم پور ويجهو پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل 2 نوجوانن جي وارثن غوثپور انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس نوجوان اسد شيخ ۽ امير شيخ کي 2 ڏينهن اڳ غوثپور مان موٽر سائيڪل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو

وارثن الزام هنيو آهي ته ٻنهي نوجوانن جي آزادي لاءِ 3 لک روپيا رشوت نه ڏيڻ تان کين قتل ڪيو ويو آهي

 ذريعن موجب پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان اسد شيخ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل حاڪم شيخ جو ڀائٽيو آهي، سندس وارث پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ جي عدالت پهچي ويا

 پوليس جو چوڻ آهي ته انڊس هاءِ وي تي ٻئي جوابدار مقابلي دوران مارجي ويا

هي به پڙهندا

دوداپور: ٻٻر ۽ ٿهيم برادرين ۾ جهيڙو، 5ڄڻا مارجي ويا