ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ واحدبخش بجاراڻي واسي اٺ چاريندڙ ٻه ڌنار اغوا ٿي ويا آهن، هٿياربند هادي بخش ۽ الله بخش جت کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. ٻئي ڄڻا بي ايس فيڊر تي ليمون ٽاري وٽ اٺ چاري رهيا هئا ته هٿياربند کين اغوا ڪري ويا وارثن پاران پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو حد جي غوثپور پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي مغوين جا وارث سخت پريشان آهن سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.