ڪرمپور ويجھو ھٿياربند 2 پورھيتن کي اغوا ڪري ويا

0
254

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو هٿياربند هوٽل بند ڪري گهر ويندڙ 2 پورهيتن کي ڳوٺ ٻاهران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مُھرو ماڙي مان ڏوهاري بشير چاچڙ ۽ نظام چاچڙ کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن کڻي ويا. اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو پر پيرا انڊس هاءِ وي تي گم ٿي ويا. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان هوٽل کي بند ڪري گهر اچي رھيا ھئا ته ڳوٺ ٻاهران هٿياربند کين اغوا ڪري ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع بعد پيرا کنيا ويا آهن، ڏوهاري ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا آهن، جن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏھن تھ ٿيل ٻن ڄڻن جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جوانڊس هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، مغوين جي وارثن سميت سوين ڳوٺاڻن ڪرمپور لاڙي وٽ ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي سبب ڪنڌڪوٽ_شڪارپور روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.