ڪرمپور/غوثپور (نمائندن وٽان) ڪرمپور ويجهو ڳوٺ مير محمد اوڳاهي ۾ اوڳاهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ٽن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ صحبت، سانوڻ، شفيع محمد، حفيظ الله، ڪريم بخش، هدايت الله، وزير، مسمات شهزادي، صفوران ۽ مسمات جادل شامل آهن. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، زخمين مان ڪريم بخش اوڳاهي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين پاران واقعي جي ڌار ڌار اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، پوليس 2 ڄڻا گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.