ڪرمپور/تنگواڻي (نمائندن وٽان) ڪرمپور ويجهو هزارو شاخ وٽ موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان رتورت. خبر موجب ڳوٺاڻو عبدالرزاق نندواڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ڦورن هزارو شاخ وٽ يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي نوجوان کي رتو رت ڪري ڇڏيو.