ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو اغوا ٿيل 5 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، مغوين جي گهرن ۾ سوڳ واري صورتحال، پوليس پاران ورتل مهلت اڄ ختم، خبر موجب  ڳوٺ غلام رسول بجاراڻي ڀرسان اغوا ٿيل سڄڻ ميراڻي، نورالدين بهلڪاڻي، خدابخش ٽانوري ۽ الهڏنو لاشاري جي بازيابي لاءِ پوليس اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جڏهن ته مغوين جي وارثن جي احتجاج بعد پوليس پاران ورتل مهلت اڄ ختم ٿي وئي آهي، هوڏانهن ٻه مهينا اڳ مڇي جي فارم تان اغوا ٿيل علي مردان نندواڻي به بازياب نه ٿي سگهيو آهي، اغوا ٿيل پنجن مغوين جي گهرن ۾ سوڳ واري صورتحال آهي مغوين جي وارثن ميرحسن ٽانوري، مولوي عبدالحميد بهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪرمپور پوليس هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته مغوي بازياب نه ٿيا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته 5 ڄڻن جي اغوا وارن واقعن جو هن وقت تائين پوليس ڪيس به داخل ناهي ڪيو.