ڪرمپور/غوثپور(رپورٽ: سيف الله بجاراڻي +ظفر ڀيو) ڪرمپور ڀرسان انڊس هاء وي تي ڌاڙيلن جي مزدا گاڏي تي فائرنگ ڪلينر قتل ڊرائيور اغوا ٻه ڄڻا زخمي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڪرمپور لاڙي وٽ ھٿياربند ٽولي گاڏي تي سڌي فائرنگ ڪئي سامهون گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪلينر اميربخش ملڪ قتل ٿي ويو ڊرائيور عبدالرشيد ملڪ کي اغوا ڪري ويا گولي لڳڻ سبب پورهيت زاهد ميراڻي زخمي ٿي پيو ناپرڪوٽ پوليس پهچي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو دوبدو فائرنگ ۾ پوليس موبائل جو ڊرائيور فاروق احمد جعفري زخمي ٿي پيو ڌاڙيل پوليس مٿان فائرنگ ڪندا مغوي ڊرائيور کي ڪچي طرف کڻي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ناپرڪوٽ پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي شڪارپور اسپتال پهچايو ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو قتل ٿيل ڪلينر ۽ مغوي ڊرائيور غوثپور جا رهواسي هئا جيڪي سکر کان غوثپور وڃي رهيا هئا ته ناپرڪوٽ جي حد ۾ ڌاڙيلن گاڏي تي فائرنگ ڪئي قتل ٿيل پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو شڪارپور پوليس پيرا کڻي ڪچي ۾ پيرا وڃائي واپس موٽي آئي ٻئي طرف قتل ٿي ويل ڪلينر ۽ مغوي ڊرائيور جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ملڪ برادري جي ماڻهن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن روڊ تي گاڏيون بيهاري ٽائر ساڙي ڪنڌڪوٽ شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي سخت گرمي سبب مسافرن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ ڌاڙيلن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڊرائيور کي اغوا ڪيو ۽ ڪلينر پڻ قتل ٿي ويو ڌاڙيل نعره هڻندا رهيا پر پوليس تماشو ڏسندي رهي مظاهرين مطالبو ڪيو ته مغوي کي بازياب ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جڏهن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ آرمي آپريشن ڪري ڏوهارين جو خاتمو ڪيو وڃي جيئن علائقي واسي سک جو ساهه کڻي سگهن 6 ڪلاڪن بعد اي ايس پي سيد فاضل شاه ڌرڻي واري هنڌ پهچي ايس ايس پي شڪارپور کي وارثن سان رابطو ڪرايو ايس ايس پي جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.غوثپور ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ مارجي ويل غوثپور واسي امير بخش ملڪ جي جنازي نماز شھر جي جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي شڪارپور سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن توڙي سوين شھرين پاران شرڪت ڪئي وئي جنازي نماز بعد مارجي ويل نوجوان جو مڙهه شھر ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين ساڻ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان جي والد ڪريم داد ملڪ ايس ايس پي ڪشمور آڏو لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسان تمام مسڪين ماڻھو آھيون اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي نوجوان جي خون جو ازالو ڪيو وڃي ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ ھو ته نوجوان ڌاڙيلن سان مزاحمت ڪندي شھادت ماڻي آھي ملوث جوابدرن کي ھر گز بخش نه ڪبو سندن خلاف سخت ڪاروائي کين جلد قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻبو