ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ويجهو ڪچي جي ڳوٺ مهراڻ بجاراڻي ۾ بجلي جي تار مان باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڳوٺاڻن هدايت الله، سعدالله ۽ ارشاد بجاراڻي جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب  گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، متاثرن ٻڌايو ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ خانپور جو عملو نه پهتو جنهن ڪري الھه تلھه سڙي ويو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.