ممبئي (شوبز نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار ڪرس گيل بالي ووڊ اداڪاره ديپيڪا پڊڪون سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ڪرس گيل اڄڪلهه ڀارتي ۽ جميڪن ميوزيڪ تي بڻايل پنهنجي نئين گاني ”اوه فاطمه“ جي تشهير ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ هو ۽ ڀارتي گلوڪار ۽ ميوزڪ ڪمپوزر آرڪو پراوو مکرجي پرفارم ڪندي نظر ايندا، ان گاني جي تشهير لاءِ هڪ انٽرويو دوران ويسٽ انڊيز بيٽر کان سوال ڪيو يوو ته اهو ڪهڙي ڀارتي اداڪاره سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندو؟ جنهن تي ڪرس گيل جواب ڏنو ته اهو بالي ووڊ جي ڪوئين ديپيڪا پڊڪون سان گڏ ميوزڪ وڊيو ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ڪرس گيل جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن ايندڙ وقت ۾ مون کي هڪ وڌيڪ ميوزڪ وڊيو ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته مان ديپيڪا پڊڪون جي چونڊ ڪندس.