ڪراچي (نمائندن وٽان) سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عزاداري جو سلسلو جاري آهي. سبزواري ساداتن جي پڙ تان سبزواري ساداتن جي اڳواڻي ۾ تعزيئي وارو ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو جيڪو ڪربلا جي شھيد علمدار غازي عباس عليه السلام جي نسبت سان اٺن تي نغارن. ڀيرڪن ۽ المن سان برآمد ڪيو ويو, جلوس مختلف رستن تان ٿيندو لعل شهباز قلندر جي قديم الم پاڪ واري صحن ۾ پھتو جتي مومنن پاران مرثيه خواني ۽ نوحه خواني ڪرڻ بعد ماتم ڪيو ويو.قاضي احمد ۾  مرڪزي امام بارگاهه شاهه نجف ۾  جلس عزا پرپا ڪئي وئي، مجلس عزا کان بعد ماتمي قافلو برآمد ڪيو ويو .ڄام صاحب ۾   فقير حاڪم سولنگي جي پڙ تان ماتمي قافلو برآمد ٿيو. جيڪو شھر جي مختلف پڙن تان ٿيندو درگاھ سخي ڄام ڏاتار تي نھر ٿيو، ماتمي قافلي ۾ مختلف انجمنن نوحه خواني ڪئي. ٽنڊوغلام علي ۾ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ھر سال جيان پنجين محرم جا الڳ الڳ ماتمي جلوس برآمد ٿيندا. جيڪي قديمي امام بارگاھ گل شاھ تان سيد محمد علي شاھ جي اڳواڻي ۾ ٻيو ماتمي جلوس مرحوم زوار قاضي علي بخش ميمڻ جي پڙ تان زوار عبدالله ميمڻ ۽ زوار قمبر علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نڪرندا.  حيدرآباد ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 5 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح جا 10 ماتمي پڙ برآمد ٿيندا. عزادار رابطا ڪميٽي حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر جي پڌرائي موجب الهداد چنڊ ڳوٺ مان جماعتن جو پڙ اعجاز علي بلوچ جي زير اهتمام، ڇوٽڪي گهٽيءَ مان سانول شاهه جو پڙ ذاڪر حسين شاهه جي زير اهتمام، کاهي روڊ مان بدر سومرو جو پڙ سندس ئي زير اهتمام، ٽنڊو ولي محمد مان مقبول حسين صبح پوٽو جو پڙ ماما جميل صبح پوٽو جي زير اهتمام، صدر مان مولائين جو پڙ غلام شبير عمراڻيءَ جي زير اهتمام، دادن شاهه ڪالوني مان سومرن جو پڙ حفيظ الرحمان سومرو جي زير اهتمام، فقير جي پڙ مان يونساڻين جو پڙ ايڊووڪيٽ اطهر انور سومرو يونساڻي جي زير اهتمام، قدم گاهه مولا علي عه تان حيدرآباد جو قديم مرڪزي مولا جو پڙ انجمن اماميه سنڌ جي زير اهتمام نڪرندو.