ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

0
229
ڪربلا جي شهيدن جو چاليھو

ڪراچي: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، مختلف شهرن مان اٺين محرم جا ماتمي جلوس برآمد، هر پاسي يا حسين جون صدائون، ڪراچي ۾ امام عباس علمدار جي ياد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو

 حيدرآباد ۾ قديمي جهولي پاڪ وارو ماتمي جلوس منزل ڏانهن روان دوان، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به عزاداري جاري آھي

 هالا، ٺل، ميرپورٻرڙو، کڏڙو، مبارڪپور، ڳڙهي حسن ۽ ٻين شهرن مان به ماتمي جلوس برآمد، عزادارن جي لاءِ پاڻي ۽ شربت جون سبيلون به لڳايون ويون