ڪراچي: 71ع ۾ ملڪ ڇڏيندڙ بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ وارو وفاق جو فيصلو غيرآئيني قرار

0
209

ڪراچي: 71ع ۾ ملڪ ڇڏيندڙ بنگالين جون ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ وارو وفاق جو فيصلو غيرآئيني قرار، انتهائي اهم مامري تي سنڌ سرڪار جي خاموشي تي حيرت جو اظهار، سينيئر قانوندان ضمير گهمرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئين تحت لاوارث ۽ ڇڏيل ملڪيتن تي وفاق جو ڪوبه حق ناهي، اُهي صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهن، فروغ نسيم جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪميٽي جا فيصلا صوبن ۾ مداخلت آهي، سنڌ سرڪار کي هن مامري تي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي، صوبائي حڪومتون وفاق کي تفصيل ڏيڻ جون به پابند نه آهن.