ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 3 ڄڻن جي قتل ڪيس جي جوابدار اسحاق بوبي جي موت واري سزا خلاف اپيل منظور ڪندي کيس ٻڌايل سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، اي ٽي سي پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ اسحاق بوبي کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، پوليس موجب جوابدار ساٿين سان گڏجي  23 آگسٽ 2014ع تي درگاهه تي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ذاڪر حسين ۽ سندس دوست يونس ۽ محمد نواز  مارجي ويا هئا، جوابدار اسحاق بوبي انهي کان اڳ به قتل جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ بري ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻن ڪيسن ۾ سزا يافته آهي