ڪراچي: 18 ڳوٺاڻا ڪيئن فوت ٿيا؟صحت کاتي جي ٽيم پتو لڳائڻ لاءِ متاثر ڳوٺ پهچي وئي

0
237

ڪراچي: ڪياماڙي جي ڳوٺ علي محمد ۾ 10 ٻارن سميت 18 ڳوٺاڻا ڪيئن فوت ٿيا؟ صحت کاتي جي ٽيم پتو لڳائڻ لاءِ متاثر ڳوٺ پهچي وئي، ڊائريڪٽر هيلٿ عبدالحميد جماڻي جي اڳواڻيءَ ۾ پهتل ٽيم بيمار ٿيل ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن جون چڪاسون ڪيون، صحت کاتي جي ٽيم پاران ڳوٺاڻن کي مفت دوائون به ڏنيون ويون

ڊائريڪٽر هيلٿ عبدالحميد جماڻي ۽ ٻين چيو آهي ته ڳوٺاڻن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، ان جو سبب علائقي ۾ موجود فيڪٽريز ٿي سگهن ٿيون، ڳوٺاڻن جي موت جو ڪارڻ اڃا معلوم نه ٿي سگهيو آهي

ظاهري طور لڳي ٿو ته موت جو ڪارڻ ڪيميڪل ٿي سگهن ٿا، هن علائقي ۾ 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ٻارڙن جو موت ارڙي يا ٻين بيمارين وگهي نه ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

…ڪياماڙي جي ڳوٺ علي محمد ۾ 18 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي به جاڳي پئي، ڳوٺ ۾ غيرقانوني طور هلندڙ فيڪٽريز جا 3 يونٽ سيل ڪري ڇڏيا، وڌيڪ 13 يونٽس کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا

 سِيپا ڪراچي جي انچارج منير احمد عباسي چيو آهي ته علائقي ۾ پلاسٽڪ سميت مختلف شيون ٺاهيندڙ فيڪٽريز جا 16 يونٽ غيرقانوني طور هلي رهيا هئا، 3 يونٽس سيل ڪيا ويا آهن، ٻين يونٽس به ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي

ڳوٺاڻن جي فوتگين بعد علائقي مان ماحوليات جا سيمپلز ورتا ويا آهن، غير قانوني طور يونٽس هلائيندڙ فيڪٽريز خلاف ڀرپور ڪارروائي ٿيندي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس، متاثرن جي طبي معائني جو فيصلو