ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 6 پوليس مقابلا، 9 جوابدار هاف فراءِ  ٿي ويا: زخمي حالت ۾ گرفتار، ان ڏس ۾ گلشن اقبال پوليس دعويٰ ڪئي ته چلڊرين اسپتال وٽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار تاج محمد ۽ ابوبڪر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. ٻئي طرف ڪورنگي ۾ انڊس اسپتال وٽ زمان ٽائون پوليس مقابلي بعد جوابدار ريحان ۽ ياسين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 2 پستول، 3 موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. هوڏانهن نيوڪراچي انڊسٽريل ايريا پوليس محمد ڳوٺ پل وٽ مقابلي بعد جوابدار نادر عرف نادو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ٻئي طرف  ابراهيم حيدري ۾ پوليس مقابلي بعد جوابدار سهيل عرف ساحل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ساڳئي ريت نيوڪراچي سيڪٽر جي فائيو ڊي ۾ بلال ڪالوني وٽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابدار فهد ۽ شهزاد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. گلشن معمار پوليس طرفان به عباس ڪٽ وٽ مبينه مقابلي بعد جوابدار ارشد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس موجب زخمي جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن، هوڏانهن  ڪنهن به مقابلي ۾ ڪنهن به پوليس اهلڪار جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن