ڪراچي(رپورٽ:دودو چانڊيو ۽ فقير سليم )ڪراچي ۾ پاڻي جي 535 ملين کوٽ جي پورائي لاءِ هاليجي ڍنڍ کان پپري تائين 65 ملين گيلن ۽ لياري توڙي ڊي ايچ اي کي پاڻي فراهمي  لاءِ سامونڊي پاڻي مٺو ڪندڙ 10 ملين گيلن جا 2 پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊي ايچ اي جي پاڻي ضرورتن جي پورائي لاءِ ڪراچي واٽر بورڊ پاران ابراهيم حيدري ۾ ڪورنگي ڪريڪ تي 5 ملين گيلن جو ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳايو ويندو، جيڪو مٺو پاڻي ڪوسٽ گارڊ چورنگي کان غازي پمپنگ اسٽيشن تي پهچائيندو، جڏهن ته لياري جي پاڻي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مڪاني کاتو 5 ملين گيلن جو الڳ پلانٽ لڳائيندو، اجلاس ۾ وڏي وزير مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ (ڪينوپ) پاران اڌ ۾ ڇڏيل 1.2 ملين گيلن جو پلانٽ پڻ استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هاليجي ڍنڍ کان پپري تائين 65 ملين گيلن پاڻي پهچائڻ واري رٿا جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته حب ڪينال جي اوورهالنگ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ ڪورنگي ڪاز وي تي 5 ارب جي لاڳت سان پل تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي طور تي اها رٿا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تي ٺهڻي هئي، رٿا ۾ دير سبب انهي کي اي ڊي پي ۾ شامل ڪري پنج ارب روپيا منظور ڪيا ويا.