ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 3 پوليس مقابلا، 2 ڄڻا هاف فراءِ، 6 گرفتار، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ان  ڏس ۾ موچڪو ۾ اي وي ايل سي پوليس مقابلي بعد ٽن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، اي وي ايل سي پوليس موجب اهلڪار ناڪابندي ڪري چيڪنگ ڪري رهيا هئا، هنن ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 جوابدارن کي شڪ جي بنياد تي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جوابدارن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ٽن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ جهانگير گنجا، محمد زبير، محمد وقار، عبدالوحيد شامل آهن، سندن قبضي مان موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ به موجود آهي. عزيز ڀٽي پوليس موجب نذرت روڊ تي مقابلي بعد جوابدار احسان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ، ٻئي طرف سچل پوليس مقابلي بعد هڪ جوابدار مجيب کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي