ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي پاران سال 2012 ۾ ڪراچي ڊويزن ۾ استادن ۽ ٽيڪنيڪل پوسٽن تي ڀرتي  ٿيل 870 ڄڻن جي ڇنڊڇاڻ شروع، 10 سال اڳ سنڌي لينگويج ٽيچرز طور ڀرتي ٿيل اميدوارن کي سنڌي ڳالهائڻ ئي نه ٿي اچي! جاچ ڪاميٽي اڳيان پيش ڪيترا ئي ميل ۽ فيميل اميدوار ڪاميٽي کي سنڌي ۾ جواب ئي نه ڏئي سگھيا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي تعليم کاتي پاران 10 سال اڳ يعني 2012ع ۾ سنڌي لينگويج ٽيچرز، اسسٽنٽ ورڪشاپ انسٽرڪٽر، ٽريننگ انسٽرڪٽر سميت ٻين عهدن تي ڀرتيون ڪيون ويون هيون،  سرڪار پاران  پگھارون جاري نه ڪرڻ سبب اميدوارن پاران عدالت سان رجوع ڪرڻ بعد عدالتي حڪمن تي تعليم کاتي جي اختيارين پاران ڪراچي ڊويزن جي 870 اميدوارن جي ڊوميسائلن، پي آر سيز، پوليس ويريفڪيشن توڙي سندن پروفيشنل ڊگرين جي حوالي سان ڇنڊڇاڻ شروع ڪئي وئي آهي، گذريل ڏينهن پهرين مرحلي ۾ 200 اميدوارن جي ڪاغذن جي پڙتال ڪرڻ بعد سندن ڊگريون تصديق لاءِ  لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيون ويون آهن، ذريعن موجب ڇنڊڇاڻ ڪاميٽي اڳيان ڪيترائي ميل ۽ فيميل سنڌي لينگويج ٽيچر سنڌي ۾  ڳالهائي  ۽ پڙهي به نه سگھيا. ان سلسلي ۾ جاچ ڪاميٽي پاران ٻڌايو ويو ته ڪراچي ڊويزن جي 870 اميدوارن جي ڪاغذن جي پڙتال ڪئي پئي وڃي، پهرين مرحلي ۾ 200 اميدوارن جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي.