ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 2 پوليس مقابلا: هڪ هٿياربند مارجي ويو: 4 هاف فراءِ   ان ڏس ۾ ڪورنگي  واري علائقي ۾ ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ مقابلي ۾ 3 جوابدار هاف فراءِ ٿي ويا، ان ڏس ۾ زمان ٽائون پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 3 جوابدارن جبران، يوسف ۽ محمد عالم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندن قبضي مان 2 پستول، گوليون، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ آئي ، زخمي جوابدارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف ڊفينس جي خيابان مجاهد ۾ کڏا مارڪيٽ وٽ مقابلي ۾  هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾ سوگهو  ڪيو ويو، پوليس موجب 2 جوابدار شهري کان موبائل فون ڦر ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي وئي، جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار سبز علي مارجي ويو، سندس ساٿي جان ولي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جي قبضي مان پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون