ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس، متاثرن جي طبي معائني جو فيصلو

0
228
ڪراچي ۾ 16 ڄڻڻ جي فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پُراسرار بيماري يا فيڪٽرين جو دونهون؟ ڪراچي جي ڳوٺ علي محمد ۾ هڪ مهيني دوران 10 ٻارن سوڌو 16 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا اسپتالن ڀيڙا، صحت کاتي جي سفارش تي انتظاميا 10 فيڪٽرين کي سيل ڪري ڇڏيو، 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

صحت کاتي جي ٽيم پاران اڄ متاثرعلائقن جَي دوري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن جي چڪاس لاءِ جزا ورتا ويندا، صحت کاتي جي اختيارين طرفان 50 ڳوٺاڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي وئي

ڊي سي ڪياماڙي چيو آهي ته فوت ٿيل 16 ڄڻن ۾ 10 ٻار به شامل آهن، ڊاڪٽرز جي ٽيم ڳوٺ ۾ اُماڻي 20 مريضن جا جُزا ٽيسٽ لاءِ ورتا ويا، رپورٽ اچڻ بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا

شروعاتي جاچ موجب علائقي ۾ فيڪٽري اندر پلاسٽڪ سوڌو ٻيو سامان ساڙيو ويندو هو، اُن جي دونهين سبب ماڻهن جا ڳلا خراب ٿين ٿا ۽ نمونيا ٿئي ٿي، ليبارٽري رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

ڪياماڙي ضلعي ۾ مبينا زهريلي گيس پکڙجڻ سبب فوتگين وارَي واقعي جو وڏي وزير طرفان نوٽيس ورتو ويو آهي، ڊِي جِي صحت، ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر کاتي کان ڌار ڌار رپورٽس طلب ڪيون ويون آهن، واقعي جِي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه متاثرن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اُهي ڪهڙيون فيڪٽريون آهن جن جي گيس خارج ٿيڻ سان انساني زندگين جو ذيان ٿيو آهي، ضلعي انتظاميا کان پڇاڻو ڪندي وڏي وزير چيو ته ڄاڻايل فيڪٽرين بابت ڪڏهن جاچ ٿي آهي؟ وڏي وزير طرفان فيڪٽرين مان نڪرندڙ گيس جَي نمونن جِي ليب ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي