ڪراچي ۾ شھري کان ھٿياربندن پاران ھڪ ڪروڙ 12 لک رپيا ڦر

0
410

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شھر ۾  وڏي ڦر جي واردات ٿي آھي، شھري کي ھڪ ڪروڙ 12 لک رپين کان محروم ڪيو ويو آھي

رپورٽ موجب ڪلفٽن بلاڪ پنج ۾ بينڪ مان رقم ڪڍرائي کڻي ويندڙ شھري کي ڦريو ويو، 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدارن شھري کان غيرملڪي ڪرنسي ڦر ڪئي

7,500 criminals to be e-tagged in southeastern Pakistan as street crime rises in Karachi | Arab News PK

شھري ذوالفقار علي ٻڌايو ته 19 نومبر تي ٻاھرين ملڪ کان ڪراچي آيو ھيس، 21 نومبر تي بينڪ سان رابطو ڪري رقم ڪڍرائڻ جو چيو

شھري ذوالفقار علي ٻڌايو ته 24 نومبر تي بينڪ انتظاميا پنج لک ڊالر حوالي ڪيا، بينڪ مان رقم ڪڍرائي نڪتس تھ بوٽ بيسن جي ويجھو ھٿياربند جوابدارن ڦرلٽ ڪئي

ذوالفقار علي ٻڌايو ته پنجاھ ھزار ڊالرز جي ماليت پاڪستاني رپين ۾ ھڪ ڪروڙ 12 لک رپيا ٺھي ٿي، مون سان ظلم ٿيو آھي، ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي تھ شھري کان ڦر جي واردات جو ڪيس بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آھي ۽ واقعي جي ھر پاسي کان جاچ شروع ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران ڊي سي هائوس مٽياري تي ڇاپي دوران 13 لک روپيا هٿ ڪرڻ جو انڪشاف