ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گرمي جي شدت اڄ به برقرار آهي، پارو 44 ڊگري تائين پهچي ويو، موسميات کاتي موجب شهر اڄ به بدترين گرمي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ گرمد پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته هوا ۾ نمي 5 سيڪڙو آهي، موسميات کاتي موجب هن کان اڳ 14 اپريل 1947 تي ڪراچي جو گرمي پد 44.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو، شهر ۾ شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد گرمي پد ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان شديد گرمي جي لهر جاري آهي، جنهن ۾ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي..