ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سخت گرمي جي لهر ڪالهه به جاري رهي، جنهن دوران 39 ڊگري سينٽي گريڊ جي گرمي 42 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي. ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان سخت گرمي آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن لاءِ به شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جو اهو سلسلو ايندڙ ٻه ڏينهن برقرار رهندو، آچر ۽ سومر ڏينهن پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. ماهرن سخت گرمي ۾ شهرين کي بنا سبب گهران نه ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن گهران نڪرو ته مٿو ڍڪي نڪرو، جڏهن ته پاڻي جو به وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي.