ڪراچي ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم لنڊن جا 3 ڪارڪن جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
357

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت (ايم ڪيو ايم) متحده قومي موومينٽ لنڊن جي ٽن مبينھ ڪارڪنن کي 4 جون تائين جسماني ريمانڊ تي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽن مبينھ ڪارڪنن کي ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن ۾ حيدرآباد جو اڳوڻو زونل انچارج نعيم خان ، عليم الدين ۽ عمران شامل آهن، جڏهن ته عدالت 4 جون تائين جوابدارن کي پوليس جي تحويل ۾ ڏنو. پوليس جوابدار کي الله والا ٽائون ۽ لانڊي کان گرفتار ڪيو ، پوليس جوابدارن وٽان بارودي ۽ غير قانوني هٿيار پڻ ھٿ ڪيا. پوليس موجب جوابدارن ايم ڪيو ايم حقيقي جي مرڪز تي حملو ڪيو جڏهن ته جوابدارن تي ايم ڪيو ايم حقيقي جي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جو به الزام آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن پوليس ۽ ٻين اهلڪارن تي حملو ڪيو ، جوابدار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.