ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس: لاڪ ڊائون جو فيصلو اين سي او سي جي ھدايت تي ڪنداسين: وڏو وزير

0
337
سنڌ جي بجيٽ: پگهارن

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي لاڪ ڊائون بابت ڪو بھ قدم اين سي او سي جي ھدايت کانسواءِ نٿو ڪري سگھجي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تھ ڪورونا ڪيسز وڌڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون سوڌو ڪوبه فيصلو اين سي او سي جي هدايت تي ڪنداسين

ڪراچي ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن ۽ اسپتالن تي به دٻاءُ نه آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز تي مريضن جو انگ تمام ٿورو آهي

ھن چيو تھ عوام کي احتياط ڪرڻ گھرجي، تعليمي ادارن جي پابندي جي حوالي سان اسان جو نظرون اين سي او سي تي آهن، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رھيا آھن