ڪراچي ۾ ڪورونا بي قابو، شرح 29سيڪڙو ٿي وئي

0
181

ڪراچي ۾ ڪورونا بي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جي شرح 29سيڪڙو ٿي وئي، صحت کاتي سنڌ طرفان ڪراچي ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران ڪورونا ٽيسٽ لاءِ 7226 ٽيسٽ ڪيا ويا

24ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2081 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ مثبت ڪيسز جي شرح 28.8 سيڪڙو رهي، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جاري آهي ۽ مثبت ڪيسز جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3567 ڪيسز رپورٽ ٿيا ۽ شرح 7.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.