ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪنريواسي جي موبائل جي دڪان تان سوا ڪروڙ جي ڦرلٽ، دڪاندارن جو ڌرڻو، پوليس خلاف نعريبازي، ان ڏس ۾ ڊفينس فيز 7 جي سحر ڪمرشل ۾ 5 هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو موبائيل جي دڪان ۾ گھڙي مالڪ ۽ سيڪيورٽي گارڊ کي يرغمال بڻائي، ڦرلٽ ڪئي. متاثر دڪاندار موجب ڦورو 22 آءِ فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا. مجموعي طور تي سوا ڪروڙ جي واردات ٿي، هٿياربند سيڪيورٽي گارڊ کان پستول به ڦر ڪري ويا. ھوڏانھن دڪاندارن شهباز سگنل تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون. دڪاندارن جو چوڻ هو ته 4 ڊسمبر تي بدر ڪمرشل مان سونو ۽ بعد ۾ سندر جي دڪان تان ڦرلٽ ٿي، هاڻ وري شارد جي دڪان ۾ به آچر تي واردات ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي